سراءِ حسين ڪلوڙ

سراءِ حسين ڪلوڙ (ڳوٺ): هي قديم ڳوٺ پني عاقل جي اتر ۾ چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ديهه سراءِ، يو. سي ننداپور ۾ واقع آهي. هن ڳوٺ ۾ 1000 گهر ٿيندا. ملتان جي حاڪم معزالدين جي جبر کان ڪلوڙ ذات جا ماڻهو ڊڄي ڪاڇي کان لڏي هتي اچي ويٺا. اهي جيئن ته سرائي ڪلوڙ سڏبا هئا، ان ڪري ڳوٺ تي سراءِ ڪلوڙ نالو پيو. بعد ۾ هتي ٻين ذاتين ۽ ڪرتن جا ماڻهو به اچي آباد ٿيا. پاڪستان کانپوءِ هن ڳوٺ جو نالو حسين ڪلوڙ رکيو ويو. هتي بوائز هاءِ اسڪول، گرلس مڊل اسڪول، ٻه بوائز پرائمري اسڪول، بنيادي صحت مرڪز ۽ ٽيليفون جي سهولت موجود آهي.
چشتيه سلسلي جي مشهور درگاهه ٿلهه شريف (صادق آباد) جي بزرگ محمد عمر بخش جو چيف خليفو فقير محمد قابل ڪلوڙ ۽ ان جو نعت خوان فرزند فقير محمد ڪلوڙ به هتي ڄاوا. سماجي اڳـواڻ عبدالغني ڪلوڙ، اسـتاد مير محمد ڪلوڙ، ناميارو اديب شمس صابر، چيف انجنيئر غلام رسول ڪلوڙ، زرعي ماهر ڊاڪٽر غلام نبي ڪلوڙ ۽ ناميارا استاد: خاوند بخش ڪلوڙ، غلام مرتضيٰ ڪلوڙ، رفيق احمد ڪـلـوڙ وغيره به هتان جا آهن. هتي هڪ قديم ۽ خوبصورت مسجد ’ميـان واري مسجـد‘ به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو